سنڌي ماڻھن سان عوامي نوڪرن جو رويو


                                                                                   اهڙن جو ذهني توازن چيڪ ڪري پوءِ هٿيار واري نوڪري ڏني وڃي.

سنڌ ايتري ته نڌڻڪي آهي جو هي ٽڪي جو سفارشي ۽ ڪرپٽ نظام جو ٻئين صوبي کان پوليس ۾ ڀرتي ٿيندڙ کي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي عريز تجور آهي.
مسئلو اهو آهي ته ڪالھ شام پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪراچي ۾ ٽي تلوار تي احتجاجي ڌرڻو لڳل هو ته ڪجهه تقرير ڪندڙن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته روڊ بند ڪيو، ائين پريا ڪماري آزاد نه ٿيندي، جنهن دوران 16 سالن کان گهٽ عمر وارا ڪجهه معصوم روڊ تي ويهي رهيا جتي هن پوليس واري ٻارڙن تي تشدد ڪندي چيو ته يه ڪراچي هي جائو سنڌ ڪي شهر سکر مي احتجاج ڪرو، جتي آئون اهو عمل ڏسي خاموش رهڻ بدران اڳتي وڃي پڇيو مانس ته تون آهين ڪير ۽ ڪهڙي صوبي کان آيل آهين ۽ تنهنجي همٿ ڪيئن ٿي ته معصوم ٻارن تي تشدد ڪرڻ جي، تو کي نوڪري ڏيڻ مهل تنهنجي ذهني ٽيسٽ نه ورتي وئي هئي ڇا؟ جو معصوم ٻارن تي تشدد ڪري رهيو آهين، احتجاج لاءِ آيل ماڻهن سان ڪيئن پيش اچجي توکي ناهي سيکاريو ويو، بس مارڻ شروع ڪر، هي حالت آهي پنجاب کان آيل سنڌ تي حڪومت ڪندڙن جي، جيڪي قانون کي پنهنجي مرضي سمجهي رهيا آهن. آخر ۾ ڄاڻ
ملي ته هن سنڌي صحافين مٿان پڻ تشدد ڪيو آهي.

Comments